وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا به ضمانت نٿي ڏئي

اوهان آزاد آهيو
  • پنهنجي ذميداريءَ تي وڪيپيڊيا استعمال ڪريو.
  • وڪيپيڊيا ۾ هدايتون ۽ نصيحتون ناهن هونديون.
  • وڪيپيڊيا جو مواد غير موضوعي ۽ غير تصديق ٿيل ٿي سگهي ٿو.
  • جيڪڏهن هتي پيش ڪيل مواد اوهان کي ڏسڻ ۾ اچي، ته ان کي رڳو لکندڙ جا خيال سمجهو، وڪيپيڊيا جا نه.
  • وڪيپيڊيا تي آزاديءَ سان جيڪي چاهيو سو لکي سگهو ٿا، پر خيال رکو ته ان سان ٻين کي فائدو پهچي، نقصان نه.
  • لکڻ وقت سچائيءَ جو پاسو نه ڇڏيو ۽ خلوصِ نيت سان تحرير ڪريو.
  • تصديق جي اصولن کي مجروح نه ڪريو؛ تحريرون تصديق ۽ مقصديت جي اصولن مطابق هئڻ گهرجن.

تجارتي نشان

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو تجارتي نشان

ڪو به تجارتي نشان، خدمتي نشان، گڏيل نشان، خاڪن يا نمونن جا حق، يا ساڳيءَ طرح جا ٻيا حق، جيڪي وڪيپيڊيا جي مضمونن ۾ ذڪر يا حوالا طور استعمال ٿيل هجن، سي سڀ سندن لاڳاپيل مالڪن جي ملڪيت آهن.

انهن نشانن جو هتي استعمال ٿيڻ هرگز ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏئي ته اوهان انهن کي ڪنهن به مقصد لاءِ استعمال ڪريو. اهي وڪيپيڊيا جي مضمونن ۾ معلوماتي مقصد لاءِ، لاڳو لائسنسنگ ضابطن ۽ اصل ليکڪن جي شرطن موجب، استعمال ڪيا ويا آهن. ٻي صورت ۾، جيستائين ڪنهن به تجارتي نشان جي حقن جو مالڪ واضح اجازت نه ڏئي، وڪيپيڊيا ۽ وڪيميڊيا سائيٽن سان ان جي توثيق يا الحاق فرض نه ڪيو وڃي. وڪيپيڊيا تحفظ هيٺ مواد کان سواءِ انهن حقن جي استعمال جي اجازت نٿي ڏئي. اهڙي دانشورانه ملڪيت يا تجارتي نشان جو اوهان پاران استعمال اوهان جي پنهنجي ذميواري ۽ خطري تي هوندو.

شخصيت جا حق

وڪيپيڊيا ۾ شامل مواد زندهه يا تازو وفات ڪيل شخص بابت ٿي سگهي ٿو. اهڙن ماڻهن جي تصويرن يا شبيهن جو استعمال ڪن دائري اختيارن ۾ شخصي حقن جي قانونن تحت محدود ٿي سگهي ٿو. انهن کي استعمال ڪرڻ کان اڳ پڪ ڪريو ته اوهان کي گهربل استعمال جو قانوني حق حاصل آهي. ان بابت اوهان پاڻ ذميوار آهيو؛ پڪ ڪريو ته ڪنهن ٻئي جي شخصي حقن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.

دائري اختيار ۽ مواد جي قانوني حيثيت

ممڪن آهي ته وڪيپيڊيا تي موجود ڇاپيل مواد ان ملڪ جي قانون يا دائري اختيار جي ڀڃڪڙي ڪري، جتان اوهان اها ڄاڻ ڏسي رهيا آهيو. وڪيپيڊيا جو ڊيٽابيس آمريڪا ۾ موجود ڪمپيوٽر سرورن تي ذخيرو ٿيل آهي ۽ اتي جي مڪاني ۽ وفاقي قانونن هيٺ برقرار رکيو وڃي ٿو.

اوهان جي ملڪ جا قانون شايد اهڙي تقرير يا مواد جي ورڇ کي ساڳيو تحفظ نه ڏين. وڪيپيڊيا ڪنهن به قانوني ڀڃڪڙيءَ جي همٿ افزائي نٿي ڪري ۽ اهڙي ڀڃڪڙيءَ جي ذميوار ناهي.

پيشاوراڻا مشورا ناهن

جيڪڏهن اوهان کي ڪنهن خاص معاملي بابت صلاح گهربل هجي، جيئن طبي، قانوني، مالي يا خطري جي انتظام بابت، ته لاڳاپيل شعبي جي سنديافته ماهر سان رابطو ڪريو.

  • وڪيپيڊيا مالي يا قانوني راءِ ۽ طبي مشورا نٿي ڏئي.